سڀ ۾ پنهون پاڻ

سڀ ۾ پنهون پاڻ

سڀ ۾ پنهون پاڻ

سڀ ۾ پنهون پاڻ (ڪتاب): جيڪب آباد ضلعي جي مشهور شاعر مير سڪندر خان کوسي جي ڪلام تي مشتمل هي ڪتاب، سنڌ جي مشهور اديب ۽ شاعر عنايت بلوچ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ مولانا غلام محمد گراميءَ جا تاثرات ’حسن خيال‘ جي عنوان سان ڏنا ويا آهن، جنهن بعد نامور شاعر عبدالڪريم گدائي ۽ مير سڪندر خان کوسي جا ٻه اکر ۽ تاثرات شامل ڪيا ويا آهن. مير سڪندر خان کوسي جي خاندان جو احوال ۽ مير سڪندر خان جو تعارف عنايت بلوچ لکيو آهي. ان کانپوءِ عبدالڪريم گولي ۽ عبدالڪريم عاجز جا منظوم خيال شامل ڪيا ويا آهن، جنهن بعد مير سڪندر خان کوسي جي ڪلام جو متن هيٺين عنوانن هيٺ پيش ڪيو ويو آهي: (1) عشقيه ۽ صوفيانه ڪلام،
(2) مـرسـلـن مهـندار جي حضور ۾ عقيدت جا گل، (3) نــذرانـه عـقيـدت، (4) غزل، (5) ڪافيون، (6) متفرقه ڪلام.
ڊيمي سائيز جي 312 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب فخر پبليڪيشن، حيدرآباد/ جيڪب آباد، مارچ 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي ڪچي جلد جي قيمت 8 روپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 12 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو